اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين ٽوڙيندڙن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين، تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضا??طو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪري ڇڏيو، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا، سياسي سرگرمين جي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي نه، ميرٽ کان هٽي ڪري ڪو ڪم نه ٿيندو، اميد آهي ته ??يپلزپارٽي ڪابينا جو حصو بڻجندي، اتحادي حڪومت آهي سڀني کي حصو بڻجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??زي??اعظم هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته ??اڻي پنجاب اسپيڊ نه پاڪستان اسپيڊ ٿيندي، ڪنهن ملڪي وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو ته ??انون جو رستو اختيار ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ ??زي??اعظم چيو ته ??تحده ميمبرن سان ملي آيو آهيان، سڀاڻي مزار قائد ويندس، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??ارليامينٽ جو مدو ڏيڍ سال آهي، اسان کي ڪيترو عرصو رهڻو آهي اهو فيصلو اتحادي گڏجي ڪندا، (ن) ليگ جي سوچ آهي ته سڌارا ڪريون ۽ اليڪشن ۾ وڃون، هن چيو ته سڀ کان وڏو چئلينج تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضا??طو آڻڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته سياسي سرگرمين جي سڀني کي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??يپلزپارٽي ڪابينا جو حصو بڻجندي. هن چيو ته اتحادي حڪومت آهي سڀني کي حصو بڻجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن صدر جي طبيعت ٺيڪ نه آهي ته الله کيس صحت ڏي، آئين ٽوڙيندڙن جي خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين. هن چيو ته ??هانگائي گهٽ ڪرڻ ج?? لاءِ شارٽ ۽ ميڊيم ٽرم پلان ٺاهي رهيا آهيون، ڳالهين سان قومون ناهن ٺهنديون، آچر تي به ڪم ڪرڻو پوندو، ٻه موڪلون خوشحال قومون ڪنديون آهن. ??زي??اعظم چيو ته اسان ڪنهن کي ڪجهه نه چونداسين، ادارا پنهنجو ڪم ڪندا، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪشمير، افعانستان تي بريفنگ پارليامينٽ ۾ ٿي ته ??يٽر گيٽ تي ڇو نه، مودي کي مشورو ڏنو آهي ته ڪشمير مسئلو حل ڪري پائيدار امن طرف هلون. ??زي??اعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي مستقبل تي به مشاورت ٿيندي، تحريڪ ??نصاف وارا خزانو خالي ڪري ويا آهن، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪيو، جيڪي ملڪ دوست بڻجڻ چاهيندا هئا، انهن سان به لاڳاپا خراب ٿيا. هن ??زي??اعظم هائوس کي پاڪستان هائوس ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ??زي??اعظم هائوس ۾ پوري پاڪستان مان بيوروڪريسي آڻينداسين، بيوروڪريسي تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ??يرٽ کان هٽي ڪري ڪو ڪم چوان ته ??نع ڪري ڇڏيو، ??زي??اعظم چيو ته ??ر فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو.