اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته عمران خان پاڻ بني گالا ۾ لڪي عوام کي روڊن تي گهرائي رهيو ??هي، عمران خان عوام کي احتجاج جي ڪال نه ڏي، پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ماتم ڪري، عوام ڄاڻي ٿي ته مهانگائي جي تباهي عمران خان آندي، آءِ ايم ايف سان ڪمزور بنيادن تي معاهدو عمران خان ڪري ويو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو ذميدار به عمران خان آهي انشاءُ الله عمران خان جي مهانگائي جي لڳايل باهه وسائينداسين. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان عوام ڪجهه هيرن، سوين ڪينال زمين ۽ مالي فائدن لاءِ قومي ۽ عوامي مفاد تي سودو ڪرڻ وارن سان گڏ نه نڪرندي، عوام ڪوڙي، منافق، نااهل، نالائق سان گڏ نه نڪرندي، نالائقن، نااهلن، چورن ۽ آئين ٽوڙيندڙن جي ڪال تي ڪو به نه نڪرندو. هن چيو ??ه عوام مهانگائي، بيروزگاري، معاشي تباهي جي ذميدار، خوني مارچ وارن ۽ هٿياربند جٿن سان گڏ نه نڪرندي، عوام بيگناهه پوليس وارن کي گوليون هڻي شهيد ڪندڙن سان گڏ ن??هي نڪرندي، هن چيو ??ه عمران خان ڪال نه ڏي، پنهنجي آيل مهانگائي ۽ معاشي تباهي جي ذميداري جو اعتراف ڪندي الله تعاليٰ ۽ عوام کان معافي گهري، هن چيو ??ه معاشي تباهي ۽ مهانگائي جو گند عمران خان پکيڙيو، حڪوم?? ان کي صاف ڪري رهي آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان سازش ڪئي ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري وڃي، حڪومت، ملڪ ۽ عوام کي بچائڻ آئي آهي، هن چيو ??ه آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ان جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پاڪستان جي ساک خطري ۾ وڌي، ان جو ذميدار عمران خان پاڻ آهي.