اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي فيٽف ج??ن ??رطون پوريون ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ۾ پاڪستان جي واپسي جي راهه هموار ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم پاڪستان“ کي مبارڪباد هجي جنهن پاڪستان جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گري ل??ٽ مان پاڪستا?? جو نالو ڪڍرائڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽيم کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري ل??ٽ مان پاڪستا?? جو نالو ڪڍرائڻ جي عمل تي مبارڪ، پاڪستان کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي توهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪور سيل“ پاڪستان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ پاڪستا?? جو نالو گري ل??ٽ مان نڪري ويندو، گري ل??ٽ مان پاڪستا?? جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن چيو ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري ل??ٽ مان پاڪستا?? جو نالو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قوم کي مايوسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.