نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان نيويارڪ ۾ ڪلائميٽ اينڊ ڊيولپمينٽ وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي ??مائندگي ڪئي. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ??وقعي تي برطانيا ۽ روانڊا پاران منعقد ??جلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ماحولياتي بحران آڏو فرنٽ لائين ۾ بيٺل آهي، دنيا کي بحث مباحثي مان نڪري فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان گرين هائوس گيسز جي ??جموعي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصيدار آهي، ان جي باوجود اسان جنهن سطح جو نقصان برداشت ڪري رهيا آهيون ان جو ڪير ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهي. شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ رڪارڊ برساتن کانپوءِ تاريخي ??وڏ غيرمعمولي تباهي مچائي آهي، برساتن ۽ ??وڏ جي ??ختلف واقعن ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 12860 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ??وڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر جڏهن ته 20 لک کان وڌيڪ گهرن کي نقصان ٿيو آهي، هڪ وقت ۾ ٽيڻ تي پاڪستان پاڻي ??وڏ هيٺ آهي. شيري رحمان چيو ته ??وڏ واري پاڻي جي ??ڪرڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي ويندا، ??وڏ جي ??اڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي ڪري ملڪ ۾ صحت جو نئون بحران پيدا ٿي ويو آهي، رڳو سنڌ جي ??وڏ سٽيل علائقن ۾ قائم هيلٿ ڪئمپسز ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 78000 مريض آيا آهن. هن چيو ته ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ اڃا به ڪيترائي فوٽ ??وڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهن، خوفناڪ ??وڏ سان ٿيندڙ معاشي نقصان جو ڪاٿو 30 ملين ڊالر کان وڌيڪ لڳايو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته اسان ماحولياتي تبديلين جو سبب نه ٿا بڻجون پر پوءِ به اسان قدرتي آفتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان جون ڍنڍون وِگهري رهيون آهن، اسان کي شديد گرمي جي ??هر، سوڪهڙي ۽ ??وڏ جهڙين آفتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي ڪاربان فوٽ پرنٽ کي تسليم ڪرڻ ۽ اخراج کي محدود ڪرڻ جي ??اءِ قدم کڻڻا پوندا، ماحولياتي تبديلي جا اثر رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندا ڇو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ تباهين جي ڪا سرحد نه آهي.