اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي فٽبال گرائونڊ ۾ بدنظمي ج?? نتيجي ?? قيمتي جانين جي ز??ان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ اٽڪل 125 ماڻهو فوت ۽ 323 زخمي ٿيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب صدر چيو ته هو ان سانحي تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ سوڳوار خاندانن، حڪومت ۽ انڊونيشيا جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انڊونيشيا جي ڀائرن جي ڏک ۾ براب?? جا شريڪ آهن. هن الله تعاليٰ کان فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي صبر جميل عطا ڪرڻ ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي.