اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??زيراعظم، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، گورنرز ۽ ميڊيا کي لکيل خطن جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ??گاهي مهم ۾ انهن کي فعال شرڪت جي دعوت ڏيندي عورتن ۾ موذي مرض بابت پاڻمرادي معائني ?? جلد تشخيص جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ تعاون جي اپيل ڪئي آهي. صدر انهن کي هن سال ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ??گاهي مهم ۾ فعال ۽ رضاڪاراڻي طور حصيدار بڻجڻ جي دعوت ڏن?? جنهن ۾ پٺتي پيل طبقن جي عورتن ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن تي خاص طور تي ڌيان ڏن?? ويندو جتي عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن. صدر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جا اٽڪل هڪ لک نوان ڪيسز رپورٽ ٿين ٿا، جن مان اڌ عورتون دير سان تشخيص جي ڪري فوت ٿي وڃن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته انهن قيمتي جانين مان 98 سيڪڙو کي پاڻمرادي معائني ?? جلد تشخيص بابت ??گاهي پيدا ڪري بچائي سگهجي ٿو. صدر ٻڌايو ته خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جي قيادت ۾ گذري?? چار سال جي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم جي نتيجي ۾ اسپتالن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي شروعاتي رپورٽنگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ناليوارن صحافين جي نالي پنهنجي خطن ۾ هن گذري?? چار سال دوران مسلسل تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انهن جي قدر جوڳي تعاون ۽ فعال حصيداري کانسواءِ مهم جي ڪاميابي ممڪن نه هئي. هن ميڊيا پرسنز تي زور ڏن?? ته اهي هن سال به پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن ته جيئن ٽارگيٽ عورتن کي نيوز بليٽنز، خصوصي رپورٽس، ڊرامن، مارننگ شوز، مضمونن، ڪالم ۽ ايڊيٽوريلز جي ذريعي پاڻمرادي معائني ?? جلد تشخيص جي بنيادي اهميت بابت ??گاهي فراهم ڪري سگهجي. صدر عورتن کي تعليم ڏيڻ ۽ پاڻ تشخيص ۽ مرض بابت ??لد پتو لڳائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن سال جي لاءِ ڪيترين ئي سرگرمين بابت ??ه ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته هن سال جي آگاهي مهم پٺتي پيل طبقن ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن جي عورتن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪندي. صدر انهن تقريبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا جي اهميت تي زور ڏن??. هن ان ڳالهه تي به زور ڏن?? ته ميڊيا عورتن کي پاڻمرادي معائني جي لاءِ آگاهي ۽ حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ٺوس آگاهي مهم شروع ڪري ۽ رضاڪاراڻي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص سميت صحت بابت مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صحتمند خوراڪ جي اهميت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪري. واضح رهي ته آڪٽوبر ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ??گاهي جو مهينو آهي، ان دوران ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اثرن، ان کان بچاءُ، جلد تشخيص ۽ علاج بابت ??گاهي پيدا ڪئي وڃي ٿي.