اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ??حم?? صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جلد ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي، 75 سال اڳ ڪشميري عوام آزادي جي جدوجهد ذريعي آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير رياست جو سنگ بنياد رک??و. 75 هين ڪشمير تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پنهن??ي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاران انساني حقن ??ي پائمالي جو نوٽيس وٺي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق ??ي راتاهو هنيو ۽ ڀارت ڪڌي حربن سان گهڻي دير پنهنجو غيرقانوني قبضو قائم نه ٿو رک?? سگهي. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جو عزم ۽ حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. سينيٽ چيئرمين ??حم?? صادق سنجراڻي چيو ته اسان پنهنجي ڀائر?? ۽ ??ينرن جي جائز خودمختياري جي مقصد جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون.