بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين پ??ڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ سي پيڪ کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق وزيراعظم محمد شه??از شريف جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف جيڪو چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي، هن عظيم عوامي هال ۾ پنهنجي چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن معاملن ۽ گڏيل تعاون وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن پ??ڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ سي پيڪ کي وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شه??از شريف کي عظيم عوامي هال ۾ گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو.