استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي?? پهچي ويو. استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي استنبول جي نائب گورنر محمود حرسانلي اولو، اعليٰ ترڪ سول ۽ عسڪري عملدارن، پاڪستان سفارتخاني جي آفيسرن وزير??عظ?? جي آجيان ڪئي. وزير??عظ?? ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطحي وفد به وزير??عظ?? سان گڏ آهي. دوري دوران وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ ”پي اين ايس بابر“ جي لانچنگ جي تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي هئي جڏهن ته ٻئي جهاز ”پي اين ايس بدر“ جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. بعد ۾ ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪندا ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. وزير??عظ?? ترڪيه جي واپاري برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان ملاقات ڪندو.