اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ يونان جي وچ ۾ واپار کي حقيقي صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ يونان جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي فروغ سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان ۾ پاڪستان جي نام??د سفير محمد عامر آفتاب قريشي سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته نام??د سفير پاڪستان ۽ يونان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪ يونان واپار کي حقيقي صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته روايتي شعبن کانسواءِ تعاون جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۽ يونان جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي فروغ سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته نام??د سفير يونان جي بهترين سياحتي طريقن کي مثال بڻائي، نام??د سفير يونان ۽ پاڪستان جي سياحتي صنعتن جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. صدر چيو ته يونان ۾ پاڪستان جو سفير پاڪستاني ڪميونٽي سان مستقل رابطو رکي، ڪونسلر خدمتن جي سلسلي ۾ انهن جا مسئلا حل ڪري، نام??د سفير پاڪستان ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ آ??يس سان ويجهو رابطو پيدا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ترقي يافته ملڪ گهٽ ترقي يافته ملڪن سان غيررسمي اميگريشن روڪڻ جي لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪري رهيا آهن، هجرت ۽ لڏپلاڻ تي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ڊائيلاگ سان يورپي يونين جي ملڪن ۾ قانوني هجرت جون نيون راهون کلنديون. صدر چيو ته پاڪستان جي مهمان نوازي کي فروغ ڏئي يونان ۾ پاڪستان بابت تاثر بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بيگناهه ڪشميرين کي ڀارتي قابض فوج جي هٿان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??لم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، ڀارت ۾ اقليتن کي هندو اڪثريتي آبادي پاران مسلسل ??لم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، ڀارتي اقليتن جي جان ۽ مال کي خطرو آهي ۽ عزت ۽ آبرو کي پائمال ڪيو پيو وڃي. صدر نام??د سفير کي يونان ۾ سفير جي طور ت?? مقرري تي مبارڪباد ڏني.