اسلام آباد – 20 – ف??بر??ري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪي??يا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور خواهش جو اظه??ر ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪي??يا جي صدر ڊاڪٽر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آفريقا سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم تعاون جي سمورن شعبن ۾ ڪي??يا سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي ڀرپور خواهش جو اظه??ر ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ڪي??يا ۾ قتل ٿيندڙ ناليواري پاڪستاني صحافي مرحوم ارشد شريف جو معاملو اٿاريو. وزيراعظم پاڪستاني جاچ ٽيمن کي هيستائين فراهم ڪيل تعاون تي ڪي??يا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مرحوم ارشد شريف جي ڪيس کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ڪي??يا پاران جاچ دوران وڌيڪ تعاون جي درخواست ڪئي. ڪي??يا جي صدر وزيراعظم کي ان معاملي ۾ مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.