اسلام آباد – 10?? اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 10 اپريل 1973ع ت?? اسان جو آئ??ن ٺهيو، هي اسان جي 50 سالا جدوجهد جو يوم تاسيس آهي، اسان ملڪ جي عوام کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهيون ٿا، اسان ملڪي ادارن ۽ نظام جي بقاءَ جي لاءِ سازشون برداشت ڪندا رهياسين، اڃا به ادارن ۾ اهڙو طبقو موجود آهي جيڪو نه ٿو چاهي ته ميثاق جمهوريت هلي ۽ اسان جو اتحاد قائم رهي. قومي اسيمبلي ۾ آئ??ن جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان منعقد ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئ??ن اسلامي جمهوري ۽ پارلياماني آهي پاڪستان جو آئ??ن ئي اها زنجير آهي جنهن سمورن صوبن کي ڳنڍي رکيو آهي. هن چيو ته 10 اپريل جو ڏينهن اسان جي سليبس ۾ هجڻ گهرجي ته جيئن نئين نسل کي ٻڌائي سگهجي ته 14 آگسٽ 1947ع ت?? پاڪستان ٺهيو ۽ 10 اپريل 1973ع ت?? اسان جو آئ??ن ٺهيو، هي اسان جي 50 سالا جدوجهد جو يوم تاسيس آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد هڪ ٽُٽل ۽ وکريل ملڪ کي آئ??ن ڏئي متحد ڪيو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ڇو ته اسان ??قي?? رکون ٿا ته سياستدانن ۽ جمهوري قوتن جي وچ ۾ فاصلن ۽ اختلافن جو فائدو غيرجمهوري قوتون کڻنديون آهن. هن چيو ته هڪ سليڪيٽيڊ وزيراعظم کي آڻڻ جي سازش ڪئي وئي جنهن جو مقصد 1973ع جي آئ??ن کي ختم ??ري هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ ٺاهڻو هو، ملڪ جي جمهوري قوتن 10 اپريل 2022ع ت?? متحد ٿي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوري اختيار استعمال ??ري سليڪيٽيڊ وزيراعظم کي گهر موڪليو. هن چيو ته اسان ملڪ جي عوام کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان ملڪ جي ادارن ۽ نظام جي بقاءَ جي لاءِ انهن جي سازشن کي برداشت ڪندا رهياسين. هن چيو ته اڃا به ادارن ۾ اهڙو طبقو موجود آهي جيڪو نه ٿو چاهي ته ميثاق جمهوريت هلي ۽ اسان جو اتحاد قائم رهي، اهو ئي سليڪيٽيڊ راڄ قائم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي، عدالت کي به ائين هجڻ گهرجي ته هر پاڪستاني ان کي آئ??ن جو محافظ تسليم ڪري، هن وقت آئ??ني بحران هلي رهيو آهي اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته ٻه جمع ٻه ٽي آهي جڏهن ته اسان ڄاڻون ٿا ته ٻه جمع ٻه چار هوندو آهي، عمران خان جيڪو معاشي حملو ??ري ويو هو اسان ملڪ کي ان مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ??ري رهيا آهيون، سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي ۾ فيصلا ٿيا آهن، دهشتگردن جي خلاف هڪ آپريشن جي شروعات ??ري رهيا آهيون، ماضي وانگر دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته ملڪ جي معيشت ۽ مهانگائي تاريخي دور مان گذري رهي آهي، ملڪ جي معيشت کي صحيح ڪرڻ ڪنهن هڪ شخص جو ڪم نه آهي ان لاءِ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، اسان جي ادارن کي سنجيده ٿي ان حوالي سان آئ??ن تحت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.