لاهور – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ بيديان روڊ تي ق??ئم اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو. وزيراعظم مرڪز ۾ اين??ڙ ماڻهن کان انهن جي مسئلن بابت پڇيو ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مرڪز ۾ اين??ڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ??يو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام کي مفت اٽو فر??هم ڪيو پيو وڃي، ان پروگرام تحت هر خاندان کي 10 ڪلوگرام اٽي جا 3 ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن ۽ اتي جي ورڇ جو اهو سلسلو 25 رمضان تائين جاري رهندو. ياد رهي ته عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.