اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ڪويت جي وزيراعظم شيخ احمد نواف الصباح کي ٽيليفون ڪري عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني اهي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي رابطن ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ??ريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن ??و ذڪر ڪندي پاڪستان پا??ان انهن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن کي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڪويت جي وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز ??ريف جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ ن??ڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڪويت ۽ پاڪستان هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي مقصد سان انهن کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ تي اتفاق ڪيو.