اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صدر جي ??تحرڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي فروغ ملندو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي ??بارڪباد واري بيان ۾ چيو ته پنهنجي ??يجهي دوست ۽ ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان کي ترڪيه جي صدارتي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته رجب اردوان جي ??تح عوام جي ان تي ڪيل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي، ترڪيه اسان جو تمام ويجهو دوست آهي جنه?? سان اسان جا صدين کان ڀائراڻا لاڳاپا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقتن جا پراڻا ساٿي آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. صدر چيو ته مون کي يقين آهي ته رجب طيب اردوان جي ??تحرڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته اسان صدر رجب طيب اردوا?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي ??ي سمورن شعبن ۾ ترڪيه سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا منتظر آهيون.