اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته مادر ملت فاطمه جناح پاڪستان جي آزادي واري جد??جهد ۾ مک حيثيت رکندي هئي، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مادر ملت فاطمه جناح قائداعظم جي زندگي جي ڏکين ۽ مشڪل مرحلن ۾ هڪ اهڙي ڀيڻ جو ??ردار ادا ڪيو جنهن قائد کي هميشه همت ۽ حوصلو ڏنو ۽ سندس مقصد لاءِ ان جي جد??جهد ۾ طاقت بڻجي بيٺي. هن چيو ته جڏهن ملڪ کي ان جي قيادت جي ضرورت پئي ته هن ماڻهن جي خدمت لاءِ آمري?? سان مهاڏو اٽڪايو. هن سياست کي محنت، لگن ۽ ذاتي عرض کان هٽي بنيادي اصولن تي هلائڻ واري نظرئي جي پيروي ڪئي. جيڪو ذاتيات کان وڌيڪ ??وم جي خدمت تي ٻڌل هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون سميت پوري قوم مادر ملت کي ان جي 56هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.