اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي مهم هلائڻ جي مذمت ڪندي لڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه قانوني قدم کڻڻ جي هدايت ??ئي آهي، وزيراعظم آفيس جي ??اري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته آرمي چيف ۽ فوج خلاف شر ڦهلائيندڙ ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي منصوبابندي جو نتيجو آهي، 09 مئي جي منصوبابندي ڪندڙ، سهولت ڪار ۽ هينڊلرز کي پيغام آهي ته پاڪستان ۽ ان جي ??دارن خلاف هرسازش کي ناڪام بڻايو ويندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي مهم هلائڻ جي ??ديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته شهيدن خلاف غليظ ميڊيا مهم هلائيندڙ جي نئين ميڊيا مهم هڪ ئي منصوبي جي ڪڙي آهي. وزيراعظم لڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه قانوني قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته فوج ۽ ان جي ??ربراه خلاف ميڊيا مهم اظهار جي ??زادي نه آهي اها صرف سازش آهي جنهن کي روڪڻ قانوني فرض آهي، قوم ا?? سازش کي ناڪام بڻائيندي جهڙي ريت 09 مئي واري ملڪ کي گهرو ويڙه جو شڪار ڪرڻ جي ??ازش کي بڻايو هو.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قوم پنهنجي فوج ۽ ان جي ??ربراه سان گڏ آهي.