پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگ??يب 9 مئي سانحي تي ر??ڊي?? پاڪستان پشاور جي ساڙيل عمارت ۽ چاغي اسٽوڊيو جي بحالي ۽ رنگ روغن جي منصوبو شروع ڪرڻ سميت ر??ڊي?? پاڪستان جي عمارت ۾ سئنيما ٺاهڻ جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ر??ڊي?? پاڪستان پشاور جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ ساڻس گڏ هو. ر??ڊي?? پاڪستان اچڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان، ڊي جي ر??ڊي?? پاڪستان طاهر حسن، ر??ڊي?? ۽ اي پي پي جي ملازمن اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگ??يب جو استقبال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي 9 مئي تي ساڙيل ر??ڊي?? پاڪستان ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان پشاور بيورو جي عمارت ۽ چاغي اسٽوڊيو جي بحالي ۽ رنگ روغن جي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ريديو پاڪستان جي اندر سئنيما ٺاهڻ جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ ڊي جي ر??ڊي?? پاڪستان طاهر حسن کي علائقائي ثافت ۽ ورثي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ايندڙ وقتن ۾ ڪو سانحو اهڙي قسم جي تاريخي آرڪائيوز کي نقصان نه پهچائي سگهي.