اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس وزيراعظم شهباز شريف جو تاريخي فيصلو آهي، نواز شريف دور ۾ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جو بنياد رکيو ويو، صحافين ۽ فنڪارن کي هيلٿ انشورنس جي فراهمي انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، اسان 15 مهينن جي مختصر مدي ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ قانونسازي ڪئي، ان جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو، نيوز پيپرز ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري ادا ڪيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، قانون واري و??اقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت ڪوآرڊينيٽر بلال ظهر ڪياني، اطلاعات واري و??اقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، اسٽيٽ لائيف انشورنس جي چيئرمين شعيب جاويد سميت ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري و??اقي وزير چ??و ته وزيراعظم صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جو تاريخي فيصلو ڪيو جنهن جي شروعات اڄ ٿي رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سڄي پاڪستان مان صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هن سال بجيٽ ۾ هڪ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چ??و ته وزيراعظم جي هدايت هئي ته صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ بجيٽ ۾ رکيل رقم رڳو اعلانن تائين محدود نه هجي پر ان م??صو??ي جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. هن چ??و ته ٻه هفتا اڳ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جڏهن ته هڪ هفتو اڳ آرٽسٽن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي. هن چ??و ته نواز شريف دور ۾ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جو بنياد رکيو ويو هو، ان بنياد ۽ اسٽيٽ لائيف جي تجربي کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري وزارت صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 آگسٽ تي هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندو. اطلاعات واري و??اقي وزير چ??و ته اسان 15 مهينن جي گهٽ مدي ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ اهم قانونسازي ڪئي، انهن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو. هن چ??و ته صحافين کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي صورت ۾ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون. وفاقي وزير چ??و ته هيلٿ انشورنس تحت ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور طبي سهولتن سميت رينل سرجري، هارٽ سرجري، ڪارڊڪ سجري سميت مختلف سرجريز جي سهولت ڏني و??ندي جڏهن ته ان ڪارڊ تحت ايمبولينس سروس پڻ ڏئي سگهبي. هن چ??و ته اسٽيٽ لائيف پاران ڪيتريون ئي و??ليو ايڊيشنز به ڪيون ويون آهن. مريم اورنگزيب چ??و ته هيلٿ انشورنس سان صحافين ۽ آرٽستن جي ڀلائي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته 15 مهينن جي مختصر عرصي ۾ 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري اخباري ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن جڏهن ته ميڊيا ورڪرز پاران جاب سيڪيورٽي سميت هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي. وفاقي وزير چ??و ته گذريل چار سال ۾ ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار هو، اهم م??صو??ا پٺتي ڇڏيا ويا هئا، وزيراعظم محمد شهباز شريف نه رڳو انهن م??صو??ن کي ريسڪيو ڪيو پر انهن کي بحال ڪيو. اطلاعات واري و??اقي وزير صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت جي پوري ٽيم جا ٿورا م??يا.