اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون، ان جي لاءِ ??فاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آ??ن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??ير??عظم چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي لاءِ انتهائي اطمينان جو ڏينهن هو. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر (پي ڪي ايل آئي) جن??ن جو تصور 2015ع ۾ پاڪستان جي جان هاپڪنز (آمريڪي اداري) طور ڪيو ويو هو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو. مون پي ڪي ايل آئي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ته جيئن پي ڪي ايل آئي جي مدد سان علم جي تخليق، تحقيق جي مرڪز طور تي ڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ ??ڪ جامع ملڪ گير پروگرام پڻ گذريل ڏينهن ٻيهر شروع ڪيو ويو جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون جنهن جي لاءِ ??فاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آ??ن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي، اها رقم غريبن جي مفت علاج جي لاءِ ??راهم ڪئي ويندي. هن ڊاڪٽر سعيد اختر، ڊاڪٽر فيصل ڊار ۽ پي ڪي ايل آئي جي ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ عملي سان گڏوگڏ حڪومتي عهديدار?? کي انهن جي عظيم قومي خدمتن تي ساراهيو. هن چيو ته اسان گڏجي پي ڪي ايل آئي کي قوم جو فخر بڻائينداسين.