اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي جي ڳوٺ اولي جي رهواسي 60 سالا شهري غي??ث جي ڀارتي فوج جي ??ائ??نگ جي نتيجي ۾ شهادت تي پاڪستان جو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، اهو واقعو 21 آگسٽ 2023ع تي لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي امن امان کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جو?? ڪارروايون 2003ع جي سيز ??ائ?? مفاهمت جي و??ضح خلاف ورزي آهن، جنهن جي فيبروري 2021ع ۾ تجديد ڪئي وئي هئي. بيان موجب ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀارتي فوج کي انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انساني وقار ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي ابتڙ آهي. ڀارت تي زور ڏنو ويو ته هو واقعي جي جاچ ڪري ۽ سيز ??ائ?? مفاهمت جو احترام ڪري.