نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پ??ڪستاني مشن موجب نيويارڪ ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجا??ُ ڪيو. هنن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات دوران گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي مختلف منصوبن ??ي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.