اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪرڻ جي لاءِ اتفا?? راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڏکڻ آفريقا سان ٻٽي شهريت جي م??اهدي جي حوالي سان معاملو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو. سين??ٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? ته انتظامي طور تي رياست پنهنجي صلاحيت موجب ڪم ڪري رهي آهي هاڻي جڏهن ته اسان چونڊن طرف وڃي رهيا آهيون ته بنيادي م??املن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪرڻ جي لاءِ اتفا?? راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جي ٻارن دنيا جي م??تلف سمنڊن ۽ صحرائن ۾ پنهنجون جانيون نه ڏين. هن چي?? ته ڪرپشن جو مسئلو اڄ جو نه آهي، قائداعظم 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ جن مسلئن طرف ڌيان ڇڪايو انهن ۾ ڪرپشن به شامل آهي هاڻي جڏهن ته ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن. هن چي?? ته عوام ۾ شعور پيدا ڪريون ته انهن پارٽين کي ووٽ ڏيو جيڪي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. هن چي?? ته اسلام آباد ڪلب وٽ قبضي واري ڪا جڳهه آهي ته اهو معاملو نگران وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندو ويندو. بعد ۾ چيئرمين معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? ته افغان پناهگيرن جي اسڪولن ۾ مقرر استاد يو ايپ سي آر جا ملازم هئا، پاڪستان حڪومت جا ملازم نه هئا، انهن جو انگ 600 کان وڌيڪ آهي، انهن کي م??تقل ڪرڻ جو ڪو پروگرام نه آهي. سينيٽر دنيش ڪمار، سينيٽر مشتاق احمد ۽ بهره مند تنگي جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايوان کي ٻڌايو ته 21 ملڪن سان پاڪستان جي ٻٽي شهريت جا معاهدا آهن، ڏکڻ آفريقا سان ٻٽي شهريت جي م??اهدي جي حوالي سان معاملو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو.