اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معامل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو ??اڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ ريڊيو ??اڪستان ويو ۽ ساڻس والده جي ايصال ??واب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي ريڊيو ??اڪستان سعيد احمد شيخ سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معامل?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته والده جو ڪو نعم البدل نه آهي، والده جو لاڏاڻو وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، پنهنجي زندگي مان ماءُ کي ڪڍي ڇڏيو ته زندگي ۾ ڪجهه نٿو رهي. توهان آخري ڏينهن ۾ پنهنجي والده جي تمام گهڻي خدمت ڪئي جيڪا اطمينان جوڳي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ سعيد احمد شيخ سميت سمورن گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.