اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جمهوريت ۽ سياسي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ نوجوانن جي شرڪت لازمي آهي، پنهنجي حڪومت جي دور ?? پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نگران حڪومت سمورين قياص آرائين جي باوجود چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي جيڪي 8 فيبروري تي ٿينديون. هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي هن چيو ته جمهوريت کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ سياسي پارٽين جي قيادت جي چونڊ جمهوري انداز ۾ ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جمهوريت جي تصور کي مختلف سببن ۽ سول ادارن جي ڍ??نچي ۾ ڪمزورين جي ڪري ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته افغان ??ناهگير ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??اڪستان ۾ رهيل آهن، پاڪستان افغانستان ۾ دوست حڪومت چاهي ٿو جيئن خطي جي ٻين ملڪن جي خواهش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ بلوچستان، آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي تعليمي ادارن جي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان ??نهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي موقف کي ٻڌو. هن چيو ته بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروپن جو موقف اخلاقيات ۽ پاڪستان جي آئين ۽ قانونن جي خلاف آهي. هن چيو ته لکين نوجوان ??اڪستان ۾ پنهنجو مستقبل ڏسن ٿا، اڪثر ماڻهن بهتر ملازمتن ۽ معاشي سببن جي ڪري پاڪستان ڇڏيو. جيڪي ماڻهو ٻ??هرئين ملڪ مان ??رڏيهي ناڻو موڪلين ٿا اهي پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ اهي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي يورپ ۽ اتر آم??يڪ?? ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ کانپوءِ پاڪستان ??اپس اچڻ چاهين ٿا. مستقبل ۾ وڌيڪ ماڻهو پاڪستان ??اپس ايندا ڇو ته انهن کي اسلامي ۽ اوڀر قدرن سان ??ڳاءُ آهي. هن چيو ته هن پنهنجي دور ?? پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته نگران ??زيراعظم جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ هو سينيٽ آف پاڪستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ چاهيندو. هن چيو ته نگران حڪومت سمورين قياص آرائين جي باوجود چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي جيڪي 8 فيبروري تي ٿينديون.