لاه??ر-07 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر پنجاب ۾ به عام چونڊن 2024ع جي سلسلي ۾ پولنگ جو عمل (اڄ) 8 فيبروري صبح 8 وڳي کان شروع ٿي شام 5 وڳي تائين بنا رنڊڪ جي جاري رهندو، جنهن جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ترجمان موجب پنجاب ۾ عام چونڊن 2024ع جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تياريون مڪمل ڪيو ويون هيون. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ترجمان موجب عام چونڊن ۾ پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار 924 ووٽر ووٽ ڪاسٽ ڪندا جنهن ۾ مرد رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 96 لک 90 هزار 487 جڏهن ته عورت رجسٽرد ووٽرن جو تعداد 3 ڪروڙ 46 لک 437 آهي، اهڙي طرح پنجاب ۾ ڊسٽرڪٽ ??ٽر??نگ آفيسر 42، ??ٽر??نگ آفيسر 441، اسسٽنٽ ??ٽر??نگ آفيسر 882، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر 42، مانيٽرنگ آفيسر 1200 آهن. ڪل پولنگ عملي جو انگ 524070 آهي جن ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن جو انگ 53491، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر جو انگ 313719 ۽ پولنگ آفيسرن جو انگ 156860 آهي ۽ ڪل پولنگ اسٽيشنن جو انگ 50900 آهي انهن پولنگ اسٽيشنن ۾ 28297 نارمل جڏهن ته 15617 حساس ۽ 6040 انته??ئي حساس قرار ڏنيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي جاري ڪيل پڌر??ئي موجب پولنگ اسٽيشننز جي 400 ميٽرن جي حد ۾ چونڊ مهم هلائڻ تي پابندي هوندي، ووٽرز کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ، اميدوار جي مهم هلائڻ تي پابندي هوندي. پولنگ اسٽيشن جي حدن جي 100 مي??ر اندر جهڊا، بينرز لڳائڻ تي پابندي هوندي، ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي فاصلي تي ڪيمپ لڳ??ئي سگهبي. ڊي آر اوز ۽ پوليس انتظاميه اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ جا پابند هوندا جڏهن ته خلاف ورزي جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن سخت ڪاررو??ئي ڪندو. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اصل شناختي ڪارڊ گڏ رکڻ ضروري هوندو، قومي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ پاسپورٽ قابل قبول نه هوندو، مدي خارج شناختي ڪارڊ تي به ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهبو. ترجمان موجب شهري 8300 تي ميسيج موڪلي ووٽ بابت معلومات حاصل ڪري سگهندا، واضح رهي ته گذريل ڏينهن پولنگ لاءِ سامان پهچائڻ جو عمل جاري رهيو، چونڊ سامان سخت سيڪيورٽي ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ پولنگ عملي جي حوالي ڪيو ويو، صوب??ئي اليڪشن ڪمشنر پنجاب ا??جاز انور چوهاڻ چيو آهي ته عام چونڊن 2024ع کي پرامن بڻائڻ لاءِ سمورن چئلينجن باوجود اليڪشن ڪميشن وقت تي پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو.