اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام 8 ف??بروري تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي، پرتشدد روين جو رڪارڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سرڪاري ملازمن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پاڪستان رياست کان انهن جي وفاداري مٽائڻ جي ??اء?? انهن تي دٻاءُ وجهڻ جي ??اء?? سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ سميت مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان رياست پنهنجا آئيني فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي ۽ انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مثالي سزا ڏياريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري هڪ بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام 8 ف??بروري تي واضح طور تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پرتشدد روين جو ثابت ٿيل رڪارڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا کي بليڪ ميلنگ جي ??اء?? هٿيار طور اختيار ڪرڻ سميت هاڻي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن ۽ سرڪاري ملازمن جون ??فاداريون ??اڪستان رياست تان هٽائي پرتشدد گينگ طرف ڪرڻ جي ??اء?? دٻاءُ جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اهي حربا آرٽيڪل 5 سميت آئين جي ٻين آرٽيڪلز ۽ ملڪي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان رياست پنهنجون آئي??ي ذميواريون سرانجام ڏيڻ جي ??اء?? سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي، انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مثالي سزائون ڏيارڻ کي يقيني بڻائيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ رياست جي خدمت ڪندڙ انهن عظيم سرڪاري ملازمن جي دفاع ??اء?? اسان جي عزم ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي.