اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قو??ي اسيمب??ي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قو??ي اسيمب??ي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا. قو??ي اسيمب??ي جي اجلاس جي شروعات تي قو??ي اسيمب??ي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ميمبرن کان حلف وٺڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته سڀ کان پهرين قو??ي اسيمب??ي جي رول آف ميبمرز تي اهي اميدوار صحيح ڪندا جن کي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻا آهن، مسلم ليگ (ن) جي سردار اياز صادق اسپيڪر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڊپٽي اسپيڪر، سني اتحاد ڪائونسل جو ملڪ عامر ڊوگر اسپيڪر ۽ جنيد اڪبر ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قو??ي اسيمب??ي جي سيڪريٽري وٽ ايوان ۾ ئي جمع ڪرايا. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿيڻ ۽ جاچ پڙتال کانپوءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪندي. نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ اڄ جمعي تي ٿيندي.