اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قانونسازي جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ڪاب??نا جي ڪم??ٽي جوڙي ڇڏي. ڪاب??نا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم قانونسازي بابت معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪم??ٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان ڪم??ٽي جو نالو ” قانونسازي جي معاملن جي سُڃاڻپ بابت ڪاب??نا ڪم??ٽي (سي سي ايل سي) آهي. ڪم??ٽي ج?? ذميوارين ۾ نئين قانونن، قاعدن ۽ موجوده قانونن، قاعدن جو جائزو وٺڻ ۽ اها سفارش ڪرڻ ته ڇا اهي حڪومتي پاليسي موجب آهن، اهو جانچڻ ته موجوده قانونن ۾ ترميم آئيني اسڪيم موجب آهي، ڪنهن موجوده قانون جي خلاف ورزي نه ٿو ڪري ۽ پارليامينٽ جي اختيار ۾ اچي ٿو. تجوويز ڪندڙ، ڊويزن سان پاليسي جي معاملي تي اختلاف جي صورت ۾ ٻنهي جو موقف ڪاب??نا آڏو پيش ڪيو وين??و ته جيئن اها فيصلو ڪري سگهي. ڪم??ٽي جو سربراهه قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، اوورسيز پاڪستانيز وارو وفاقي وزير، واپار وارو وفاقي وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير، خصوصي دعوت تي اٽارني جنرل، وفاقي سيڪريٽري ڪاب??نا ڊويزن، سيڪريٽري قانون ۽ انصاف ڊويزن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري وزيراعظم آفيس ڪم??ٽي جا ميمبر هوندا. چيئرمين ڪم??ٽي ڪنهن به اجلاس جي لاءِ ڪنهن به وفاقي وزير کي شامل ڪري سگهي ٿو.