اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي قيادت ۾ وفد نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جو دورو ڪيو جتي اين آءِ ٽي بي جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي ۽ سندس ٽيم وفد جي آجيان ڪئي. ان ??وري ۾ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي آپريشنز بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني. وفد ڊيٽا سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. اين آءِ ٽي بي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي امڪاني شعبن ۾ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن گڏيل ڪوششن جو مقصد ٻنهي ادارن جي صلاحي??ن کي وڌيڪ فائدمند بڻائڻ آهي. ان موق??ي تي جي ٽو بي ۽ جي ٽو جي ۽ جي ٽو سي تي پڻ تفصيل سان ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دوري جي موق??ي تي مختلف ادارن جي لاءِ ٺاهيل ڊيولپمينٽ ايپليڪيشنز بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ايپليڪيشن جي استعمال جو طريقو پڻ ٻڌايو ويو. دوري جي موق??ي تي ٻنهي ادارن مستقبل ۾ پڻ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.