اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 وف??قي وزيرن کي مختلف وزارتن جا اضافي قلمدان ڏئي ڇڏيا جڏهن ته 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڪابينا ڊويزن پاران جار?? نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي اوورسيز پاڪستانين واري وف??قي وزير چوڌري سالڪ حسين کي مذهبي معاملن واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏنو، نجڪاري واري وف??قي وزير عبدالعليم خان کي مواصلات واري وزارت جون اضافي ذميواريون ڏنيون ويون، صنعت ۽ پيداوار واري وف??قي وزير راڻا تنوير حسين کي غذائي تحفظ ۽ تحقي?? واري وزارت، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وف??قي وزير احسن اقبال کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏنو ويو، پيٽروليم واري وف??قي وزير مصدق ملڪ کي پاڻي وسيلن واري وزارت جي اضافي چارج ملي وئي. ڪابينا ڊويزن ج?? نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ راڻا احسان افضل، رومينه خورشيد عالم ماحولياتي تبديلي ۽ شبير احمد عثماني ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جو ڪوآرڊينيٽر هوندو.