اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفا??ي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، قومي سلامتي جي معاملن کي خطن وانگر عام نه ڪرڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنج?? سمورن تاثرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وفا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اط??اع??ت واري وفا??ي وزير چيو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان اسٽيٽ جو نمائندو آهي، سندس پاران ان ڪئميره بريفنگ ج?? پيغام کي حقيقت کان هٽي ڪري ڏٺو ويو، اٽارني جنرل پاران ان ڪئميره بريفنگ ج?? ريڪوئسٽ قومي سلامتي جي ڪري ڪئي وئي هئي، اسان کي قومي سلامتي ک?? سمجهڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنج?? سمورن تاثرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، قومي سالامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته قومي سلامتي جي معاملن کي اهڙي طرح خطن جي ذريعي سوشل ميڊيا تي اجاگر نه ڪرڻ گهرجي، ڪو معاملو ڊسڪس ڪرڻو هجي ته چيف جسٽس فل ڪورٽ گهرائي سگهي ٿو. وفا??ي وزير چيو ته ڇڪتاڻ واري ماحول کي گهٽ ڪر?? سمورن ادارن کي گڏجي هلڻو پوندو.