اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ايران جي صدر ڊ??ڪٽ?? سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ س??دن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيتي قرارداد منظور ڪندي پاڪ ايران لاڳاپن ۽ خطي جي حوالي سا?? خدمتن تي ڊ??ڪٽ?? سيد ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ابراهيم رئيسي وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو، پاڪستان مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ س??دن ساٿين جي مغفرت جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊ??ڪٽ?? سيد ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ س??دن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبر سا?? شديد صدمو ٿيو آهي. اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سا?? دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سا?? آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ۾ ايران سا?? گڏ بيٺل آهي. ان حوالي سا?? وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايراني صدر ڊ??ڪٽ?? سيد ابراهيم رئيسي هڪ وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو. پاڪستان ڊ??ڪٽ?? ابراهيم رئيسي جهڙو مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وزيراعظم ڊ??ڪٽ?? سيد ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڊ??ڪٽ?? ابراهيم رئيسي جي پنهنجي قوم سا?? گڏوگڏ پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني ڊ??ڪٽ?? ابراهيم رئيسي جو پاڪستان جو دورو اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سا?? هڪ سنگ ميل هو. ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني عوام سا?? گذريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. ڪابينا پاران منظور ڪيل قرارداد ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته مرحوم صدر ڊ??ڪٽ?? سيد ابراهيم رئيسي جي پاڪ – ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. ڪابينا دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ايراني صدر ڊ??ڪٽ?? سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير ۽ انهن جي ساٿين کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.