اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ان جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، زراعت، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عو??مي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، هنزه ۾ آ??ا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس جو قيام انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ??يولپمينٽ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرپرسن شهزاده رحيم آغا خان پنج رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم پرنس ر??يم آغا خان کي پاڪستان حڪومت پاران نشان پاڪستان ملڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پاڪستان جي گهٽ ترقي يافته ۽ ڏورانهن علائقن خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ چترال ۾ سماجي ڀلائي جا مختل?? منصوبا قائم ڪرڻ تي پرنس ر??يم آغا خان کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، زراعت، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عو??مي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته هنزه ۾ آ??ا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس جو قيام انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ گلگت ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي مائيڪرو فنانس بئنڪنگ مرڪز قائم ڪرڻ کي علائقي جي عو??م جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي قابل تجديد توانائي جي منصوبن ۾ پاڪستان حڪومت سان حصيداري جي دعوت ڏني.