اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) ملڪ ۾ ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻ??ن جو انگ شهري علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کان وڌي ويو آهي، ٻهراڙي ۾ 14 ڪروڙ 77 لک 50 هزار ماڻهو رهن ٿا، اسپتالن جو انگ رڳو 1284 ۽ بنيادي صحت مرڪزن جو انگ 5520 آهي، ملڪ ۾ ماڻ??ن جي سراسري عمر 67.3 سال رهجي وئي. قومي اقتصادي سرو?? موجب سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت پبلڪ هيلٿ جي لاءِ 25.3 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا. اسپتالن جو انگ 1284، بنيادي صحت مرڪزن جو انگ 5520 رڪارڊ ڪيو ويو. 2022ع ۾ سراسري عمر 67.3 سال هئي، ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڊاڪٽرن جو انگ 2 لک 99 هزار 113 آهي. قومي اقتصادي سرو?? موجب 2023ع ۾ ملڪ جي مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 15 لک ماڻهن تي ٻڌل آهي. ٻهراڙي جي علائقن ۾ 14 ڪروڙ 77 لک 50 هزار ماڻهو ۽ شهري علائقن ۾ 9 ڪروڙ 37 لک 50 هزار ماڻهو رهن.