اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ??يڊمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گورناتني ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپ?? جي معاملن ۽ سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد پاڪستاني شهرين جي آزاد?? جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي 7 ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ ??و فيصلو ڪيو ويو. سريلنڪا ۾ پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي لاءِ ٻنهي طرفن کان جلد ڪارروائي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر پاڪستاني قيدين جي آزادي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير محسن نقوي قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر ??و ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سريلنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ سمورن قدمن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. ملاقات ۾ منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽ?? جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهيا آه??. گ??يل لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ تيزي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽ?? جي حوالي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم گهرج آهي. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر چيو ته سريلنڪا پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو.اي پي پي/ز – ج/ر – م 17:57