ڪوئٽا -22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پر??گرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته ??ال??ي م??رڪيٽ کي اسڪلڊ ورڪرز جي ضرورت آهي، صحيح رخ تي هلياسين ته پاڪستان جي 10 کان 15 لک ٻارن کي ??ال??ي م??رڪيٽ جو حصو بڻائي سگهجي ٿو، قدرتي آفتن ۾ دنيا اسان جي م??د ناهي ڪئي، موجوده حڪومت فيصلو ڪيو آهي، ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن تي ٻڌل نيشنل والنٽيئر ڪور ۽ نوجوانن جي م??ئلن جي نشاندهي لاءِ قومي يوٿ ڪائونسل قائم ڪري نوجوانن کي فيصلي سازي ۾ حصيدار بڻايو وڃي. نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ انٽرنشپ پر??گرام شروع ڪيو پيو وڃي. بلوچستان ۾ اڻوڻندڙ حالتن باوجود نوجوانن تعليم سميت هر شعبي ۾ پنهنجو مقام بڻايو جيڪو ٻين لاءِ رول ماڊل آهي، وفاقي حڪومت صرف موقعا فراهم ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته بهتر مستقبل بڻائڻ نوجوانن جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، دهشتگردي سميت دشمنن جي سمورين سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِنوجوان اسان جي هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مينجمينٽ سائنسز ۾ بلوچستان جي نوجوانن لاءِ پهچ جوڳي سماجي ڪاروبار جي عنوان سان پي پي اي ايف، اين آءِ سي بيوٽمز ۽ ٻين ادارن جي س??ڪا?? سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي يونيورسٽي جو پر?? وائيس چانسلر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. راڻا مشهود چيو ته نوجوانن جو حوصلو ڏسي خوشي ٿي، هي اهو پاڪستان آهي جنهن لاءِ اسان جي بزرگن جدوجهد ڪئي هئي، پاڪستان ٺهڻ ۾ بلوچستان جو ووٽ تمام اهم هو ۽ آهي. راڻا مشهود چيو ته وفاقي حڪومت طرفان وزيراعظم يوٿ پر??گرام سان بنا وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن ۽ پاڪستان ۾ 2 لک ٻار ان پر??گرام مان فائدو کڻي چڪا آهن، جن ٻين لاءِ رستو کولي ڇڏيو آهي. هن چيو ته دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي جتي اين آءِ سي جهڙا ادارا نوجوانن کي رستو ڏيکاري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته ان وقت به هن پهرين ترجيح نوجوانن کي ڏني. هن چيو ته بلوچستان ٻارن کي نيشنل انوويشن ايوارڊ ۾ رجسٽرڊ ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان خلاف سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي ذميواري فيوچر ليڊرز آف پاڪستان جي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ قومي يوٿ ڪائونسل ??ڻائي رهيا آهيون جنهن ۾ 100 ٻارن ۽ ٻارڙين جي چونڊ ٿيندي، پاڪستان ۾ هن وقت آءِ ٽي انڊسٽري جو ڪاٿو اڍائي ارب رپيا آهي جنهن کي 25 ارب رپين تائين وڌائڻو آهي ته جيئن دنيا ۾ آءِ ٽي جي وڌندڙ گهرج کي نظر م رکندي پاڪستاني نوجوانن کي ??ال??ي م??رڪيٽ جو حصو بڻائي سگهجي. هن جو چوڻ هو پاڪستان ۾ شديد ٻوڏ آئي جڏهن ته موسمياتي تبديلي ۾ اسان جي ملڪ جو حصو تمام گهٽ آهي، اڄ اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي ۽ ان يڪجهتي جي جذبي سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي آهي. ان موقعي تي قومي ورثي واري ڊويزن جي صلاحڪار ڪاشف ارشاد، پي پي اي ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نادر گل بڙيچ پڻ خطاب ڪيو.