راولپنڊي-09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ اي?? پي آر موجب مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير ج?? ايڇ ڪيو پهتو جتي آرمي چيف جنرل عاصم منير معزز مهمان کي ڀليڪار چيو. آرمي چيف مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير جي پاڪستان جي دوري کي پاڪستاني عوام لاءِ اعزاز قرار ڏنو جڏهن ته امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير جو چوڻ هو ته پاڪستان جو مسلمان دنيا ۾ اهم مقام آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪر?? رهيو آهي. ملاقات دوران شخصيتن طرفان پاڪ سعودي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي امام ملاقات جي پڄ??ڻي تي مسلمان امت جي ات??اد?? امن ۽ استحڪام لاءِ دعا ڪئي.