اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حس??ن جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دست??اب?? ۽ قيمتن جو جائزو ورتو ويو، ايڊوائيزري بورڊ تاجڪستان کي 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. راڻا تنوير حس??ن ان موقعي تي چيو ته تاجڪستان کي کنڊ جي ايڪسپورٽ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ سطح تي ٿيندي، کنڊ جي ري??يل قيمت کي ايڪسپورٽ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شوگر ??لز ايسوسيئيشن سان ري??يل پرائيس جو ڪوبه تعلق ناهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شوگر ??لز مالڪن طرفان ڪمند جي آبادگارن کي باقي رهتن جي ادائيگي جلد ڪئي ويندي. ضلعي انتظاميه کنڊ جي ري??يل قيمت کي ڪنٽرول ڪندي، ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جو 28 لک ميٽرڪ ٽن اسٽاڪ موجود آهي، ملڪ ۾ هن وقت واڌو کنڊ موجود آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ايف بي آر ۽ ڪين ڪمشنرز ملڪ ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دست??اب?? کي ٻيهر چيڪ ڪ??دا. ايف بي آر ۽ ڪين ڪمشنر شوگر ايڊوائيزري بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ مصالحتي رپورٽ پيش ڪندا. اضافي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ان رپورٽ جي روشني ۾ ڪيو ويندو.