اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلينٽ جي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي هڪ اعزاز آهي، حڪوم?? ملڪ ۾ فٽ بال جي راند جي واڌويجهه جي لاءِ مڪمل مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تازو ئي ناروي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪپتان ??حمد عديل، ٽاپ اسڪورر محمد ڪاشف، ٽيم مئنيجر سيد محمد اويس، مسلم هينڊز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد جاويد گيلاني، ڊائريڪٽر گلوبل آپريشنز ارسلان ??صرت، ڪميونيڪشن ڊائريڪٽر محمد ريحان طاهر پڻ موجود هئا. ان ??وقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ بدر شهباز سان گڏوگڏ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم جا رانديگر پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، توهان سڀ رانديگر پاڪستان جا روشن ستارا آهيو، توهان جي بهترين ڪارڪردگي ان ڳالهه جي گواهي ڏي ٿي ته پاڪستاني نوجوانن کي موقعو ملي ته اهي پوري دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا. هن چيو ته حڪومت پوري طرح سان توهان جي مدد ڪندي، پاڪستان ۾ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، تمام جلد پاڪستان ۾ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ هڪ جامع پلان ??اڳو ڪرڻ جي شروعات ڪنداسين. وزيراعظم مسلم هينڊز جي پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. رانديگرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم کي مسلم هينڊز پاران ??اڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي لاءِ قدمن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترجيحي بنيادن تي محڪماڻي راندين کي مڪمل طور تي بحال ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.