اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ??سپيڪر سردار اياز صادق سان مصر جي ??فير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو ويو. ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ان موقعي تي اسپيڪر وچ اوڀر ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت جي ??خت مذمت ڪندي چيو ته وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط رشتن تي ٻَڌل آهن. ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر چيو ته ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پارلياماني سفارتڪاري انتهائي اهميت جوڳي آهي. ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني رابطا ٻنهي ملڪن جي ??وام کي ويجهو آ??ڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اسپيڪر چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي ميمبرن کي هڪٻئي جي ??جربن مان فائدو کڻڻ جا موقعا فراهم ٿيندا. اسپيڪر پنهنجي مصري هم منصب کي پاڪستان جي ??ؤري جي ??عوت ڏني. مصر جي ??فير اسپيڪر جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ واري تجويز سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني رابطن ۾ واڌ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.