اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائ??شي?? جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو وزيراعظم هائوس پهچڻ ت?? شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ مرڪزي دروازي تي ملائ??شي?? جي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ملائ??شي?? جي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملائ??شي?? جي وزيراعظم جي وزيراعظم هائوس اچڻ جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم معزز مهمان سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان موقعي تي ملائ??شي?? جي وزيراعظم پنهنجي وفد جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو. ملائ??شي?? جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم هائوس جي لان ۾ ٻوٽو هنيو ۽ دعا ڪئي. ملائ??شي?? جو وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو 3 ڏينهن جو سرڪاري د??رو ڪري رهيو آهي.