اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز وطن جي دفاع جي خاطر هر دم چوڪس آهن. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ميجر عاطف ??ليل، نائيڪ آزاد الله ۽ لانس نائيڪ غضنفر عباس کي قوم پاران سلام پيش ڪيو. هن چ??و ته پاڪ فوج جي جوانن خوارج جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. صدر چ??و ته سڄي قوم فتنه الخوارج جي خلاف پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. صدر آصف علي زرداري بنون ۾ شهادت ماڻيندڙ جوانن جي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.