راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير ڪرنل جنرل اليگيزنڊر وي فومين نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي پيشوراڻن معاملن، علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻه ط??في بحري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب نيول چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان رشين فيڊريشن سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداريءَ جو خواهش??ند آهي. ملاقات ۾ ٻنهي بحري فوجن وچ ۾ ٻه ط??في تربيت، بحري جنگي جهازن جي دؤرن ۽ ٻه ط??في بحري مشقن جو بند??بس?? ڪرڻ سميت مختلف پهلوئن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ميري ٽائم سيڪيورٽي ۽ بحري ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير خطي ۾ ميري ٽائم سيڪيورٽي ۾ پاڪ بحريه جي مستقل ڪوششن ۽ بلند عزم جو اعتراف ڪيو.