اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد آصف کي دوحه ۾ انٽرنيشنل بل??ئرڊز اينڊ ورلڊ سنوڪر فيڊريشن (آءِ بي ايس ايف) ??يم??يئن شپ کٽڻ تي مبار??با?? ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته محمد آصف ٽيون ڀيرو عالمي ??يم??يئن شپ کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بل??د ڪري ڇڏيو. محمد آصف جا گهرڀاتي ۽ سندس ڪوچ به ان فتح تي مبار??با?? جا مستحق آهن. عالمي ??يم??يئن شپ کٽڻ جي لاءِ محمد آصف ڏينهن رات محنت ڪئي جنهن جي لاءِ هو ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته رانديگرن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. عالمي مقابلن جي لاءِ رانديگرن کي تياري جي معياري سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ??ول??ن ترجيح آهي.