اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه ف??طمه خواجه چيو آهي ته نوجو??نن کي آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ ڊجيٽلائزيشن سان حڪمن ۾ غير ضروري دير جو شڪار (ڳاڙهي ربن) ۽ ڪارڪردگي ۾ نمايان واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن ڪي پي ڪي جي نوجو??نن کي يو اين ڊي پي ڊجيٽل اسڪلز گريجوئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته اسان جا نوجوان ملڪي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. آءِ ٽي ذريعي نوجو??نن کي مختلف ڪورسز ڪرايا پيا وڃن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي بابت مختلف پروگرامن ۾ ٽريننگ ڏني پئي وڃي، شاگرد پوري محنت ۽ لڳن سان تعليم ??اصل ڪري معاشري جا فائديمند شهري بڻجن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، حڪومت ڊجيٽلائزيشن لاءِ پُرعزم آهي، ان سان صارفين کي سموريون سهولتون آن لائن دستياب ٿينديون. هن چيو ته ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت سميت سمورا آءِ ٽي ڪورسز ڊجيٽلائزيشن لاءِ اهم آهن. هن چيو ته ”ون پي??نٽ ون آءِ ڊي“ قدمن تحت مريضن جي ڊيٽا آن لائن دستياب هوندي، ان سان شناختي ڪارڊ ذريعي مريض جو سڄي ڊيٽا آڏو اچي ويندو، اهڙيءَ طرح جي قدمن سان صحت ۽ تعليم ??ون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪوشش آهي ته اهڙن قدمن لاءِ نجي شعبو اڳيان اچي.