اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) بئنڪاري جي شعبي ۾ ”ايڊوانس?? ٽو ڊپازٽ ش??ح“ (اي ڊي آر) جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري م??لڪ??ي وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، فيڊرل ??ور?? آف روينيو جي چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب شرڪت ڪندڙن معيشت جي پيداواري شعبن کي مجموعي طور تي قرض ڏيڻ تي اي ڊي آر پاليسي جي استعمال، ٽيڪس اوڳاڙين جي هدفن تي ان جي اثرن ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي لاءِ بهترين ماحول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حڪومت فنانس ايڪٽ 2022ع تحت 50 سيڪڙو کان گهٽ اي ڊي آر تناسب وارين بئنڪن جي لاءِ سيڙپڪاري جي آمدني تي وڌيڪ ٽيڪس جي شرح متعارف ڪرائي هئي. ان ٽيڪس جو مقصد واپاري قرضن ۽ ٽيڪس جي غيرفعال آمدني کي وڌيڪ شرح تي وڌائڻ آهي جيڪا عدم محنت سان ٿيندڙ آمدني آهي. 2024ع جي موجوده ٽه ماهي ۾ بئنڪاري شعبو وڌيڪ ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ اي ڊي آر وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ اي ڊي آر تي ٻڌل ٽيڪس نظام جي متبادل طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.