اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ ٻن مختلف آپريشنز دوران 7 خو??رج جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي، دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب صدر آصف علي زرداري ڪامياب ڪاررواين دوران 7 خو??رج مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي به??دري کي ساراهيو. صدر جو دهشتگردن جو به??دري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي لانس نائيڪ محمد امين شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي به??دري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخو??رج جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.