بيجنگ- 18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال وفد سان گڏ بيجنگ ۾ آءِ سافٽ اسٽون انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ??اڪستاني وفد جي آجيان آءِ سافٽ اسٽون جي عالمي ڪاروبار جي نائب صدر مسٽرين لو ۽ انٽيليجنٽ اليڪٽرانڪ جي نائب صدر مسٽر لي چوان ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال هيڊڪوارٽر ۽ نمائش جي علائقي ج?? دورو ڪيو، جتي کيس ڪمپني ج?? جديد منصوعات، خدمتن ۽ حل جو مظاهرو ڏيکاريو ويو. ان موقعي تي کيس وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا ۾ ڪمپني ج?? ڪاروباري ترقي ج?? منصوبن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪستاني وفد به سي پيڪ جي تعمير ۾ ٽيڪنالاجي ج?? انضمام تي ??ڪ بريفنگ ڏني. ٻنهي ڌرين آءِ ٽي ج?? شعبي ۾ مستقبل ۾ تعاون ۽ عملي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته هو جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي منصوعات ۽ حل تيار ??رڻ لاءِ تعاون ڪن. پاڪستاني وفد ۾ سياسي قونصلر حسيب گوهر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي قونصلر خان محمد وزير ۽ رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي انفرااسٽرڪچر اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مزمل ضيا شامل آهن.