اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي باباءِ قوم قائداعظم محمدعلي جناح کي قيام پاڪس??ان لاءِ سندس شاندار خدمتن تي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪس??ان جي قيام ۾ قائداعظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قائداعظم جهڙا سچا، ايماندار ۽ ديانتدار اڳوا?? ئي ملڪن جي تقدير بدلائيندا آهن. اتحاد، ڀائيچاري، مذهبي رو??داري ۽ گڏيل بقا اڄ جي ڏينهن جو پيغام آهي. قائداعظم جي پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته مسلمان دنيا جي مدبر ۽ عظيم اڳواڻ قائداعظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هي ڏينهن پاڪس??ان کي قائد جي ويزن مطابق عظيم ملڪ بڻائڻ جي عهد جو ڏينهن آهي. محسن نقوي چيو ته قائداعظم اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزاديءَ جي اهميت تي زور ڀريو. قائداعظم پاڪس??ان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مذهبي رو??داري جو علمبردار هو. گهرو وزير چيو ته هڪ قوم جي حيثيت سان اسان کي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي رو??داري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪري اڳتي وڌڻو ۽ قومي مفاد ۾ ذاتي اختلافن کي پٺتي رکي وطن لاءِ سوچڻو آهي. هن چيو ته قائداعظم پنهنجي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن لاءِ تاريخي ڌارا مٽائي، مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ آزاد مسلمان رياست جي خواب کي ع??لي جامو پهرايو. هن چيو ته قائداعظم جي اڻٿڪ جدوجهد جي ڪري اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. قائداعظم جو اهو احسان قيامت تائين نٿا لاهي سگهون. گهرو وزير چيو ته پاڪس??ان جي تخليق ۾ قائداعظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. قائداعظم تحمل، برداشت، مساوات ۽ رو??داريءَ تي ٻَڌل معاشري جو خواب ڏٺو هو. اهڙي فلاحي معاشري لاءِ سڀني کيگڏجي پنهنجون توانائيون ڪتب آڻڻيون پونديون ته جيئن قائد جي خواب کي ع??لي جامو پهرائي سگهجي.